79

ورلڊ ڪپ: افغانستان جي ٽيم بنگلاديش کي ميچ کٽڻ لاءِ 157 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

ڌرم شاله: آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ٽئين ميچ ۾ افغانستان بنگلاديش کي ميچ کٽڻ لاءِ 157 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي.

ڌرم شاله ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغان ٽيم بنگلاديش جي خلاف 37.2 اوورز ۾ 156 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. افغان اوپنرز ٽيم کي 47 رنسن جي شروعات ڏني پر ابراهيم زادران 22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جنهن کان پوءِ رحمان الله گرباز  بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ 47 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا.

ٻين رانديگرن ۾ رحمت شاهه 18، ڪپتان حشمت الله شاهدي 18، نجيب الله زادران 5، محمد نبي 6، راشد خان 9، مجيب الرحمان هڪ ۽ نوين الحق ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويا.

بنگلاديش طرفان شڪيب الحسن ۽ مهدي حسن ميراز 3-3 شريف الاسلام 2 جڏهن ته متفيض الرحمان ۽ تسڪين احمد هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

هوڏانهن بنگلاديش جي ڪپتان شڪيب الحسن ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ڪوششن ڪنداسين ته مخالفن کي جلد کان جلد آئوٽ ڪنداسين ۽ ٽورنامينٽ جي شروعات ميچ کٽڻ کان ڪنداسين.

ان موقعي تي افغان ٽيم جي ڪپتان حشمت الله شاهدي چيو هو ته ٽاس کٽي فيلڊنگ جو ئي فيصلو ڪريون  ها ڪوشش ڪنداسين ته وڏو ٽارگيٽ ڏئي سگهون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں