47

حماس جي ملٽري ونگ جو اسرائيل مٿان وڏو حملو، هزارين راڪيٽ فائر، آپريشن الاقصيٰ جو اعلان

بيت المقدس: اسلامي تحريڪ مزاحمت حماس جي عسڪري ونگ جي سربراهه اسرائيل خلاف وڏي ڪارروائي جو اعلان ڪندي پنج هزار ميزائل فائر ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.

عرب ميڊيا موجب حماس جي عسڪري ونگ جي ڪمانڊر محمدالضيف(ابوخالد) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آپريشن طوفان الاقصيٰ ۾ اسرائيل مٿان پنج هزار ميزائيل فائر ڪيا ويا جڏهن ته ان ڪارروائي  ۾ هڪ اسرائيلي عورت جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آهي.

سربراهه محمد الضيف پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي زمين تي  آخري قبضي کي ختم ڪرڻ جي سڀني کان وڏي جنگ جو ڏينهن آهي. اسان هاڻ فيصلو ڪري ورتو آهي ته گهڻو ٿي ويو هاڻ اسان اسرائيل جي سمورن ڏوهن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هاڻ اسرائيل  جي دهشتگردي جو وقت ختم ٿي ويو آهي.

ڇنڇر جي صبح 6 ڳي غزه پٽي مان اوچتو هزارين راڪيٽ اسرائيل تي فائر  ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو جنهن کان پوءِ اسرائيل جي ڀرپاسي ۾ خطري جي سائرن جا الارم وڄڻ شروع ٿي ويا. غزه جي مختلف علائقن مان راڪيٽ بازي جا آواز پڻ گونجندا رهيا. اسرائيلي دفعا واري وزارت چيو آهي  ته غزه مان عسڪريت پسند اسرائيلي علائقن ۾  داخل ٿي ويا آهن. جڏهن ته ويڙهاڪن اسرائيل ۾ هڪ پوليس اسٽيشن جو ڪنٽرول پڻ سنڀالي ورتو آهي

غزه پٽي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهواسين کي پنهنجن گهرن ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي. اسرائيلي دفاع واري وزير يووگيلنٽ چيو آهي ته حماس اسرائيل جي خلاف جنگ شروع ڪري هڪ سنگين غلطي ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل جي فوج جنگي حالتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا  موجب ڪيترائي فلسطيني مجاهدين اسرائيل ۾ داخل ٿي ويا آهن جتي انهن جون روڊن ۽ گهٽين ۾ اسرائيلي  فوجين سان چڪريون ٿي رهيون آهن مجاهدن 35 صهيوني فوجين کي قيدي به بنائي ورتو آهي. حماس فوجي ونگ جي سربراهه ڪمانڊر محمدالضيف ابو خالد آپريشن الاقصيٰ طوفان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهو حملو اسرائيل طرفان مسجدالاقصيٰ ۾ لاڳيتو بي حرمتي ۽ فلسطنين تي ظلمن جو جواب آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں