54

پي آءِ اي جي وڏي سخاوت سامهون اچي وئي: 1 ارب کان وڌيڪ ماليت جي هوٽل سنڌ حڪومت کي ڏيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: پي آءِ اي جي وڏي سخاوت سامهون اچي وئي آهي. لاڙڪاڻو ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماليت جو هوٽل بنا ڪنهن معاوضي جي سنڌ حڪومت کي ڏنو ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ پي آءِ اي جي ملڪيت سمبارا ان هوٽل کي قائدن ۽ ضابطن کان هٽي ڪري سنڌ حڪومت جي  حوالي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. 1 ارب 15 ڪروڙ جي ماليت جو هوٽل سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ ۾ ايئر لائين جي ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ سنگين بي قاعدگين جي نشاندهي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ورڪس ڊپارٽمينٽ آڊٽ براءِ 2021-22  ۾ ڪئي. ڊپارٽمينٽ هوٽل جي تعميراتي قيمت مبينه طور تي 60.745 ملين لڳائي.

اسٽيٽ بينڪ جي طرفان منظور ڪيل اپريزر ڊسمبر 2020 ۾ هوٽل جي مارڪيٽ ويليو 1 ارب 15 ڪروڙ ٻڌائي. رپورٽ موجب اعليٰ آفيسرن جي زباني هدايت تي هوٽل جو قبضو ايئرلائين جي مفاد خلاف صوبائي حڪومت کي ڏنو ويو. هوٽل ڪنهن به معاوضي کان سواءِ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو.

ايئرلائين جي ڪمرشل مفادن کي نظر انداز ڪرڻ جي باري ۾ آڊيٽرز 2022 ۾ انتظاميه کي آگاهه ڪيو. ذميواري تعين ڪري  انڪوائري جي رپورٽ آڊٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. پراپرٽي جو ٽائيٽل پي آءِ اي وٽ هجڻ جي خالي سان هوٽل واپس وٺڻ جو امڪاني طريقيڪار ٻڌايو ويندو. ايوي ايشن منسٽري معاملي کي گڏيل مفادن جي ڪونسل ۾ اٿاريندو.

قومي ايئر لائين انتظاميه طرفان آڊيٽرز کي جواب ڏنو ويو آهي ته پي آءِ اي هن پراپرٽي جي قانوني مالڪ آهي ۽ ان وٽ سموري ملڪيت جا ڪاغذ موجود آهن. ايوي ايشن ڊويزن ذريعي ڪيس جي پيروي ڪري رهيا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں