77

اسلام ڪوٽ ڀرسان معصوم نينگر بدفعلي بعد گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل

اسلام ڪوٽ (رپورٽر) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ  نئون تڙ ۾ گهرن ڀرسان 11 ورهين جي معصوم نينگر جو مبينا بدفعلي بعد  ڪنڌ ۾ رسي سان گهٽا ڏنل لاش هٿ آيو آهي. شادي ڪاڄ واري گهر ڀرسان ديوي جي وڻ جي هيٺ معصوم نينگر ڇڳن ولد چيتن جو واري سان منهن ٻوريل  لاش مليو، شادي دعوت تان واپس نه موٽڻ تي وارثن پاران نينگر جي ڳولا ڪئي وئي ته ڇني کان ٿوري مفاصلي تي لاش هٿ آيو. وارثن پاران نينگر کي  بدفعلي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ پيرا به موجود هئا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسلام ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو.پوليس چيو آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ خبر پوندي، شڪ آهي ته نينگر کي بدفعلي بعد قتل ڪيو ويو آهي، لاش  واري هنڌ پيرا به  مليا آهن جاچ ڪري رهيا آهيون. نينگر جي پيءُ چيتن چيو ته پٽ ڳوٺ ۾ هلندڙ دعوت تي مون کان اڳ ويو هو واپس گهر اچي ڏٺو ته ڇڳن نه پهتو هو، جنهن بعد واپس وڃي ڪاڄ واري هنڌ ڳولا ڪئي ته واري ۾ ڍڪيل لاش مليو، اسان جي نه ڪنهن سان دشمني آهي ۽ نه ڪنهن تي شڪ  لڳي ٿو،  ظالمن پٽ کي بدفعلي بعد  قتل ڪري ظلم ڪيو، جاچ ڪري مونسان  انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں