47

ڪراچي:مرتضيٰ وهاب مڪاني چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي: ڪراچي ۾ خالي مڪاني سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. مرتضيٰ وهاب ضلعي جنوبي ۾ يوسي 13 جي خالي سيٽ تي چونڊون وڙهڻ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.

ياد رهي ته مڪاني چونڊن جي لاءِ پولنگ 5 نومبر تي شيڊول آهي. لاڳاپيل سيٽ پيپلز پارٽي جي يوسي چيئرمين طرفان استعيفيٰ ڏيڻ تي خالي ٿي هئي. مرتضيٰ وهاب 3 يوسيز مان مڪاني چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جن ماڻهن 70-75 سال ڪراچي کي خراب ڪيو انهن کان سوال پڇو.

مرتضيٰ وهاب چيو ته بائيڊرنٽس اوروال ۾ مافياز جي خلاف ڪارروايون هلي رهيون آهن مان سياسي بغض رکندڙ ماڻهو نه آهيان. حافظ نعيم منهنجو وڏو ڀاءُ آهي مان سندس احترام ڪريان ٿو. نعيم الرحمان کي گڏ هلڻ جي به آفر ڪئي. سياسي تنقيد کي سائيڊ تي رکو. منهنجي لاءِ سمورا چيئرمين احترام جوڳا آهن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته  چونڊون ٿين ۽ منصفاڻيون ٿين. جڏهن ٽائون چيئرمين سان ملندو آهيان ته حافظ نعيم ناراض ٿي ويندو آهي. وقت ثابت ڪندو ته ڪير  ڇا آهي ۽  ڪهڙي ڪيپيسٽي ۾ آهي.  پ پ مٿان الزامن جو سلسلو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته حافظ نعيم پريس ڪانفرنسون ڪري رهيو هو، ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. منهنجي پارٽي ڪي ايم سي کي ميگا منصوبا ڏئي وئي آهي. وڏي وزير ڪي ايم سي پينشن لاءِ پئسا منظور ڪيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں