53

ڪراچي پوليس ڪيش وين مان ڦر ڪيل پنج ڪروڙ ايڪٽيهه لک روپيه هٿ ڪري ورتا، 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي: ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس ڪيش وين مان ڦر ڪيل روڪ رقم 5 ڪروڙ 31 لک روپيه هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته پوليس 4 جوابدارن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار نيازي پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 19 سيپٽمبر 2023 تي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ڪيش وين جي ڊرائيور زوهيب سيڪيورٽي گارڊ کي بهاني سان وين مان لاهي وين کڻي فرار ٿي ويو هو. ڪجهه فاصلي تي وڃي هن وين ڇڏي 6 ڪروڙ 35 لک روپيه کڻي فرار ٿي ويو هو.

پوليس شروعاتي جاچ ۾ مک جوابدار زوهيب جي ڀاءُ زين کي گرفتار ڪري ڳري رقم هٿ ڪئي هئي. جوابدار جاچ دوران پنهنجي وڌيڪ 3 ساٿين حامد، عطاءُالرحمان ۽ عرفان جي باري ۾ انڪشاف ڪيو هو.

پوليس ٽنهي جوابدارن کي هري پور هزاره مان گرفتار ڪري وڌيڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي. ايس ايس پي ڪورنگي چيو آهي ته مک جوابدار زوهيب  ۽ رشيد جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ قتل ڪيل زال مڙس جي قاتلن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ساڳئي علائقي ۾ پيءُ پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ جوابدار مقابلي دوران مارجي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں