58

حماس اسرائيلي فوج جي ميجر جنرل کي يرغمال بڻائي ورتو: عرب ميڊيا جي دعويٰ

فلسطيني علائقي غزه ۾ فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس اسرائيل تي حملن دوران 50 اسرائيلي فوجين ۽ شهرين کي يرغمال بڻائي ورتو آهي

اڄ صبح حماس غزه کان اسرائيل تي زميني، سامونڊي ۽ هوائي ذريعي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيلي فوجين سميت 40 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 700 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ڪيترن ئي وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حماس ويڙهاڪن ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين ۽ شهرين کي يرغمال بڻائي ورتو آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں