48

سکر جي آرٽس ڪائونسل ۾ صنفي تشدد تي فاطمه ڦرڙو جي نالي سان ڪانفرنس

سکر: سکر جي آرٽس ڪائونسل ۾ صنفي تشدد تي فاطمه ڦرڙو جي نالي سان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين جون ايڪٽوسٽ عورتن سميت سوشل ايڪٽوسٽن، وڪيلن، اديبن ، سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.
ڌوڏ هن سماج کي جي عنوان سان ٿيل پهرين سيشن ۾ فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم، فضيلا سرڪي جي امڙ سڪينا سرڪي ۽ جيڪب آباد ۾ قتل ڪيل نينگري حسينه جي امڙ صحبت خاتون به شرڪت ڪئي.
فضيلا سرڪي جي امڙ پنهنجي نياڻيءَ جي لاءِ لڙڪ لاڙي ويٺي، سڪينا سرڪي چيو ته فضيلا 9 سالن جي هئي ته کيس اغوا ڪيو ويو هو، 17 سال گذرڻ باوجود منهنجي ڌيءُ بازياب نه ڪرائي وئي، سهراب سرڪي نياڻي بازياب ڪرائڻ جي خاطري تي منهنجو احتجاج ختم ڪرايو پر نياڻي واپس نه موٽي آئي، نگران سرڪار فضيلا جي بازيابيءَ لاءِ به حرڪت ۾ اچي.

فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم چيو ته ڌيءَ جي قتل ڪيس جي جاچ مان مطمئن آهيان، ڌيءُ ماريندڙ پيرن کي سزا ملڻ گهرجي.
جيڪب آباد جي صحبت خاتون چيو ته منهنجي ڌيءَ 6 سيپٽمبر تي کير وٺڻ وئي ته کيس قتل ڪيو ويو، منهنجي نياڻيءَ جي ميڊيڪل رپورٽ به پڌري نه پئي ڪئي وڃي، عدالت مهينو اڳ قبر ڪشائي جو حڪم ڏنو پر ان تي اڃا عمل نه ٿيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں