57

افغانستان ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو

ڪابل: افغانستان ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو آهي

افغانستان جي اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن هرات صوبي ۾ آيل زلزلي ۾ هيل تائين 2 هزار 53 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، 9 هزار 240 زخمي ٿيا

اختيارن موجب هڪ هزار 328 گهرن کي نقصان پهتو آهي، افغان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ترجمان ملا جانان سائق موجب فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں