57

حماس ۽ اسرائيلي فورسز ۾ ٻئي ڏينهن به جنگ، حماس جي حملن ۾ 500 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا

بيت المقدس: فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس ۽ اسرائيلي فورسز ۾ ٻئي ڏينهن به جنگ جاري، حماس جي زميني، فضائي ۽ سامونڊي حملن ۾ 500 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا، 1600 زخمي ٿي پيا.
فلسطيني ويڙهاڪن فوجي آفيسرز ۽ اهلڪارن سميت سوين اسرائيلين کي يرغمال بڻائي ورتو، حماس پاران اسرائيلي فوج جون ٽينڪون ۽ هيليڪاپٽر تباهه ڪرڻ جي دعويٰ، وڊيوز به جاري ڪيون ويون، اسرائيل جي غزه تي بمباري جي نتيجي ۾ ٻارڙن سميت 250 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
فلسطيني گهرو وزارت جي عمارت تباهه ٿي وئي، اسرائيلي حڪومت جو چوڻ آهي ته ڏکڻ اسرائيل ۾ فلسطيني ويڙهاڪن پاران يرغمال بڻايل فوجين ۽ عورتن سميت اڪثر اسرائيلي شهرين کي آزاد ڪرايو ويو آهي.

اسرائيلي فورسز جي لبنان جي ويڙهاڪ تنظيم حزب الله جي ٺڪاڻن تي به بمباري، حزب الله پاران به اسرائيلي فوجي چوڪيون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں