54

مختيارڪار سوڀو ديرو سائين بخش ڪولاچي حق سچ لکڻ تي سوشل ورڪر عارف علي خاڪي مٿان ڏمرجي ڌمڪين تي لهي آيو

مختيارڪار سوڀو ديرو سائين بخش ڪولاچي حق سچ لکڻ تي سوشل ورڪر عارف علي خاڪي مٿان ڏمرجي ڌمڪين تي لهي آيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ورڪر عارف علي خاڪي وونئڻن جي فصل جي آبادگارن کي ٽريڪٽر مافيا طرفان بليڪ ميل ڪري غيرقانوني اوڳاڙي ڪرڻ واري ڪڌي ڪاروبار کي سوشل ميڊيا تي وائکو ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ سندس جي حياتي کي خطرو وڌي ويو آهي. بااثر مافيا توڙي مختيارڪار سوڀو ديرو سائين بخش ڪولاچي ٻٽ بڻجي ويا آهن جنهن ڪري سوشل ورڪر عارف علي خاڪي جي بااثر زميندارن قبضو ڪيون ويٺا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته مختيارڪار سوڀو ديرو سائين بخش ڪولاچي جي مقرري سان روينيو کاتي ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي. روينيو آفيس ۾ فرد توڙي ٻين جائز ڪمن لاءِ عملو رشوت وٺي رهيو آهي جنهن ۾ مختيارڪار سوڀو ديرو سائين بخش ڪولاچي پڻ ڀاڱي ڀائيوار آهي. سوڀو ديرو جي سڄاڻ ڌرين سنڌ جي نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته مختيارڪار سوڀو ديرو سائين بخش ڪولاچي کي هٽائي سندس جي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں