57

افغانستان ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 4 هزار ٿي ويو، 2 ڳوٺ مڪمل طور تي تباهه

ڪابل: افغانستان ۾ 4 ڏينهن اڳ ايندڙ زلزلي سبب فوتين جو انگ 4 هزار کان وڌي ويو آهي.

خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب صوبي برات ۾ آفٽر شاڪس جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. جڏهن ته ضلعي زنده جان ۾ 20 کان وڌيڪ ڳوٺ مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن.

افغان اختيارين ٻڌايو آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ 2 هزار گهر مڪمل طور تي تباهه جڏهن ته هزارين گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي، 35 ريسڪيو ٽيمون امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن.  هن وقت به گهرن جي ملبي هيٺيان ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن جنهن سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان آهي.

قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري جي ترجمان ملا جان صادق چيو آهي ته 3 صوبن ۾ زلزلي سبب ڪافي نقصان ٿيو آهي. ٻئي طرف چين زلزلي متاثرين جي مدد لاءِ 2 لک ڊالر جي رقم افغانستان جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں