51

آءِ ايم ايف يوٽيلٽي اسٽورز سميت حڪومتي ملڪيتي ادارن کي ليز تي ڏيڻ يا وڪرو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) يوٽيلٽي اسٽورز سميت حڪومتي ملڪيتي ادارن کي ليز تي ڏيڻ يا وڪرو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز کي نجي شعبي جي حوالي ڪيو وڃي ۽ بي آءِ ايس پي بجيٽ کي وڌايو وڃي.

آءِ ايم ايف موجب حڪومتي ملڪيتي ادارن جي سربراهي موجوده معاشي صورتحال ۾ معيشت لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي ان لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز کي ختم يا نجي شعبي جي حوالي ڪيو وڃي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته نگران حڪومت يوٽيليٽي اسٽورز جي نجڪاري يا ختم ڪرڻ تي آءِ ايم ايف کي ڪوبه جواب نه ڏنو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز کي ختم ڪري بي آءِ ايس پي جو ساليانو بجيٽ وڌائڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں