57

اسمگلرز خلاف آپريشن: ڪروڙين روپين جي ماليت جا سامان سان ڀريل 9 ٽرڪ هٿ

لاهور: ڪسٽمز انٽيليجنس لاهور اسمگلرز جي خلاف گرينڊ آپريشن ڪندي 22 ڪروڙ روپين جي ماليت جا اسمگل ٿيل سگريٽ، سوپاريون ۽ شيشي جي فليويز جا 9 ٽرڪ پڪڙي ورتا آهن.

پوليس ۽ ٻين ادارن جي مدد سان لاهور ۾ اسمگلنگ جي سامان سان ڀريل ۽ اسمگلرز جي لاءِ محفوظ سمجهيا ويندڙ ٺڪاڻن تي ڇاپا هنيا ويا. ڪارروايون شاهه عالم مارڪيٽ، پان منڊي ۽ ريلوي اسٽيشن جي چوڌاري ڪيون ويون. آپريشن دوران لاهور جي تاريخ ۾ اسمگل ٿيل سگريٽ جي سڀني کان وڏي مقدار هٿ ڪئي وئي.

ڪسٽمز انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل چوڌري فيض احمد چڍڙ جي هدايت تي لاهور ڊائريڪٽوريٽ اسمگلرز خلاف گرينڊ آپريشن ڪيو. اسمگلرز خلاف آپريشن ايڊيشنل ڊائريڪٽر رضوان بشير ڪلير جي نگراني ۾ ڪيو ويو. صوبائي گادي واري شهرن شاهه عالم مارڪيٽ، پان منڊي، ريلوي اسٽيشن، نولکها ۽ ڀرپاسي جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا جنهن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪٽسمز انٽيليجنس جي مدد ڪئي.

ڇاپن دوران اسمگلرز طرفان مزاحمت پڻ ڪئي وئي جنهن کي پوليس ناڪام بنائي ڇڏيو. ان حوالي سان ڪسٽمز انٽيليجنس لاهور جي ڊائريڪٽر حارث انصاري نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن کان پوءِ اسمگلرز خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي اپنائي وئي آهي. اسمگلر ڪيترو ئي بااثر ڇو نه هجي ان جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں