74

سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ صورتحال وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي

سکر (رپورٽر) سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ صورتحال وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ گڊو ۽ سکر بئراج تي پاڻيءَ ۾ ڪجهه هزار ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته گڊو بئراج تي 100 سيڪڙو ۽ سکر بئراج تي 52 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ ٿي وئي آهي، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻيءَ جي کوٽ 70 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ مجموعي طور تي پاڻيءَ جي کوٽ 62 سيڪڙو آهي، ان حوالي سان ڪنٽرول روم انچارج سکر بئراج عبدالعزيز سومرو ٻڌايو ته گڊو ۽ سکر بئراج تي پاڻيءَ جي سطح ۾ معمولي اضافو ٿيو آهي، عبدالعزيز ٻڌايو ته گڊو بئراج تي 36 هزار ڪيوسڪ ۽ سکر بئراج ۾ پاڻيءَ جي سطح 31 هزار ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻيءَ جي سطح 51 سئو ڪيسوڪ آهي، هن چيو ته گڊو بئراج مان نڪرندڙ گهوٽڪي ڪينال، پٽ فيڊر ڪينال ۽ بيگاري ڪينال بند آهن، جڏهن ته رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال سکر بئراج کان بند آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں