61

طوفان الاقصيٰ آپريشن: 9 آمريڪين سميت 900 اسرائيلي مارجي ويا، 700 فلسطيني شهيد، غزه ۾ بجلي ۽ خوراڪ جي سپلاءِ بند

تل ابيب:   حماس جي طوفان الاقصيٰ آپريشن ۾ اسرائيلي فوتگين جو انگ 900 ٿي ويو آهي جڏهن ته غزه تي 4 ڏينهن کان جاري بمباري ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 700 کان وڌي ويو آهي جن ۾ 140 معصوم ٻار به شامل آهن. اسرائيل غزه جي داخلي ۽ خارجي رستن جي ناڪابندي ڪري بجلي ۽ خوراڪ جي سپلاءِ به روڪي ڇڏي آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب حماس جي اوچتي حملي کان پوءِ اسرائيلي فوج هينئر تائين سنڀالي نه سگهي آهي. مختلف چڪرين ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوتين جو انگ 900 کان وڌي ويو آهي جن مان 100 کان وڌيڪ فوجي ۽ پوليس اهلڪارن سميت پرڏيهي شهري به شامل آهن.

ٻئي طرف اسرائيلي فوجين بزدلاڻين ڪارروائين ۾ غزه ۾ حماس جي ڪمانڊر جي گهرن تي رات دير سان بمباري ڪئي. اسرائيلي بمباري اڄ پنجين ڏينهن به جاري رهي جنهن ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 700 کان وڌي ويو آهي جن ۾ 140 ٻار به شامل آهن. بمباري ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ 3 هزار کان وڌيڪ آهي. گذريل ٻن ڏينهن کان اسرائيل غزه جي ناڪابندي ڪري رکي آهي بجلي ڪاٽا ڪئي وئي آهي جنهن سبب ڪيترائي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا آهن. اونداهي جو فائدو وٺندي اسرائيلي فوج رهائشي علائقن تي بمباري ڪري رهيا آهن. جڏهن ته خوراڪ ۽ تيل جي فراهمي پڻ معطل ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن طرفان به تصديق ڪئي وئي آهي ته اسرائيلي فوج هڪ اهڙي اسڪول کي به نشان بنايو آهي جتي 73 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پناهه ورتي هئي.

هوڏانهن لبنان جي تنظيم حزب الله اسرائيلي زمين تي مارٽر شيلز سان حملا ڪيا جنهن ۾ وڏي پيماني تي اسرائيلين جي مارجي وڃڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اسرائيل به لبنان تي ميزائل فائر ڪيا پر ڪنهن به نقصان جي اطلاع اڃان تائين ناهي ملي. گڏيل قومن سميت عالمي طاقتن اسرائيل ۽ حماس کي صبر کان ڪم وٺڻ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏ ويهڻو پوندو.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو عالمي طاقتن جي مطالبي کي ٺڪرائيندي غزه ۾ حماس جي ٺڪانڻ کي نيست نابود ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اسرائيلي شهري 24 ڪلاڪن ۾ غزه ڇڏي وڃن. هوڏانهن حماس جي سربراهه اسماعيل بنيه چيو آهي ته غزه ۾ ڪاميابي کان پوءِ اها جنگ مغربي ڪناري ۽ يروشلم تائين ويندي اسان پنهنجي زمين تان قبضو ختم ٿيڻ تائين جنگ جاري رکنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں