79

ورلڊ ڪپ: سريلنڪا جو پاڪستان خلاف ميچ ۾ بيٽنگ جو فيصلو

حيدرآباد: آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ سريلنڪا هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 1.4 اوورز ۾ رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

حيدرآباد جي راجيو گانڌي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪن ڪپتان داشن شناڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي خلاف ميچ ۾ وڏو ٽارگيٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين جيئن پريشر وڌي سگهي. ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي لاءِ پرعزم آهيون.

ان موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ميچ ڪاميابي سان کٽڻ جي تسلسل کي برقرار رکڻ چاهيون ٿا. ٻنهي ٽيمن ۾ هڪ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي. سريلنڪا ڪسن راجيتها جي جڳهه مهيش تهيڪشنا جڏهن ته پاڪستان فخر زمان جي جڳهه عبدالله شفيق کي پليئنگ اليون جو حصو بنايو آهي.

ان کان اڳ ٻئي ٽميون ورلڊ ڪپ جي عالمي مقابلن ۾ 7 ڀيرا آمهون سامهون ٿيون آهن جنهن ۾ پاڪستان جو پلڙو ڀاري رهيو آهي. پاڪستان 7 ميچن ۾ آءِ لينڊز تي برتري قائم رکي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں