57

جائز حقن جي حاصلات لاءِ فلسطيني عوام سان گڏ آهيون: سعودي عرب

رياض: سعودي جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو آهي ته جائز حقن جي حاصلات لاءِ فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهيون. حماس ۽ اسرائيل طرفان هڪ ٻئي تي بمباري ۽ ڇڪتاڻ بعد سعودي ولي عهد طرفان فلسطيني صدر محمود عباس سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ويو.

سعودي جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان غزه ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. سعودي ولي عهد چيو ته  فلسطيني عوام جا مطالبا پورا ٿيڻ ۽ منصفاڻي جامع امن تائين پهچڻ لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهيون. سعودي عرب جائز حقن ۽ جٽادار امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ فلسطين سان گڏ آهي. اسان کي فلسطينين جي زندگي کي آسان بنائڻ جي ضرورت آهي.

سعودي خابرو اداري موجب شهزادي محمد بن سلمان جون مصري صدر عبدالفتاح السيسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله سان فون تي پڻ ڳالهيون ڪيون. جنهن ۾ غزه ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوششن تي اتفاق ڪيو. مصدر جي صدارتي ترجمان چيو آهي ته فون تي ڳالهين ۾ ٻنهي اڳواڻ ڌرين طرفان صبر کان ڪم وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

مصر ۽ سعودي عرب گڏيل قومن جي قراردادن موجب 2 رياستي حل تي ٻڌل هڪ جامعه ۽ منصفاڻي حقن جي حاصلات لاءِ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان علاوه اسرائيل فلسطين تڪرار بابت خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.

ٻئي طرف فلسطين تي اسرائيلي فورسز جا حملا جاري آهن. قابض اسرائيل غزه جي ناڪابندي ڪري بجلي ۽ خوراڪ جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں