48

ڪراچي ۾ غيرقانوني ترسيل افغان پناهگيرن جي لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع

ڪراچي: ڪراچي شهر ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل افغان پناهگيرن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون کان پوءِ وڏي تعداد ۾ افغان پناهگيرن پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن.

سهراب ڳوٺ، سپر هاءِ وي، افغان بستي، ڪوچي ڪيمپ ۽ اتحاد ٽائون سميت شهر ۾ موجود ٻين افغان علائقن مان لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي آهي. افغان پناهگير پنهنجن گهر ڀاتين سميت بسن ذريعي چمن رستي افغانستان روانا ٿي رهيا آهن. ان حوالي سان سهراب ڳوٺ بس اڏي تي افغان پناهگيرن جو وڏو انگ پنهنجي سامان سان گڏ بسن ۾ افغانستان وڃڻ لاءِ روانو ٿيو. جڏهن ته بسن ذريعي ڪراچي کان چمن بارڊر تائين جو ڀاڙو 7 هزار روپيه وصول ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته هلندڙ مهيني 3 آڪٽوبر تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو جنهن کان پوءِ غيرقانوني پرڏيهين کي 31 آڪٽوبر تائين پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. جڏهن ته پهرين نومبر کان وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان سمورن پرڏيهي شهرين جي گرفتاري ۽ جبري ملڪ بدري يقيني بنائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا ويندا.

پهرين نومبر کان غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جا ڪاروبار ۽ ملڪيتون به ضبط ڪيون وينديون ۽ غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن جي سهولتڪارن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں