93

زنده قومون سانحن مان سبق سکنديون آهن: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (رپورٽر) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته زنده قومون سانحن مان سبق سکنديون آهن، 12 مئي سانحي بابت پيغام جاري ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته زنده قومون سانحن مان سبق سکنديون آهن، پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به فراموش ناهن ڪنديون، هن چيو ته قوم هاڻي ڪنهن کي نسلي، لساني يا مذهبي فرق جو ٻج ڇٽڻ جي اجازت نه ڏيندي، هن چيو ته 3 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جو شهر هاڻي ترقي ۽ سياسي طور سڀني لاءِ کليل آهي، ڪراچي جو سڀ لاءِ کلڻ سانحو 12 مئي جي شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري تحريڪ آهي، پنهنجي نظريي، فلسفي ۽ اصولن تي ڪنهن قيمت تي سمجهوتو نه ڪرڻ پيپلز پارٽي جي تاريخ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں