89

ورلڊ ڪپ: سريلنڪا پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 345 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد:  آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ سريلنڪا پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 345 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي. حيدرآباد جي راجيو گاندهي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

سريلنڪا بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٻن سينچرين جي مدد سان مقرر 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنسون ٺاهي ورتيون. سريلنڪا جو اوپنر ڪوشال پريرا بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي حسن علي جي بال تي وڪيٽ ڪيپر محمد  رضوان کي ڪيچ ڏئي وٺو. جڏهن ته نشانڪا شاداب جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

ڪوشل مينڊس 14 چوڪن ۽ 6 ڇڪن جي مدد سان 122 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي. دهننجا ياڊي سلوا 2 جڏهن ته چارٿ اسالنڪا هڪ هڪ رنس ٺاهي پويلين موٽي ويا. سريرا اسمارا ڪرما 2 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مد سان 108 رنسن جي اننگز کيڏي حسن علي جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ڪپتان داسن شناڪا 12 رنسون، مهيش تهنڪشن بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو.

پاڪستان طرفان حسن علي 4، حارث رئوف 2، جڏهن ته شاداب خان، محمد نواز ۽ شاهين شاهه آفريدي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

راجيو گاندهي اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٽاس کان پوءِ ڳالهيون ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اسان ٽاس کٽيون ها ته پهريان بالنگ ڪريون ها. اسان گذريل هفتي کان هتي آهيون، ڪنڊيشن جو اندازو ٿي ويو آهي. ان موقعي تي سريلنڪن ڪپتان داشن شناڪا چيو ته ٽيم ۾  هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي. ريجتها جي جڳهه ٿنڪشانا کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں