69

حماس اسرائيل ويڙهه، ايراني سپريم ليڊر جو بيان سامهون اچي ويو

تهران: ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو چوڻ آهي ته اسرائيل تي حماس جي حملي ۾ ايران ملوث نه آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اڱاري ڏينهن سرڪاري ٽي وي کي خطاب ڪندي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسرائيل تي حماس جي حملي کي ساراهيندي چيو ته جنهن صيهوني رياست تي حملو ڪيو اسان سندن هٿ چمون ٿا.
هن چيو ته اسرائيل تي حماس جي حملي ۾ ايران ملوث نه هو پر اسرائيل تي اهو حملو سندس فوج ۽ ڳجهن ادارن جي شڪست آهي.
آيت الله خامنه اي جو چوڻ هو ته حماس جي حملن اسرائيل جي اهم انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو پورائو ايترو آسان نه آهي.
ايراني جي سپريم ليڊر اسرائيل کي سندس پنهنجي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں