88

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو معاملو وفاق آڏو اٿاري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه سان توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير جي ملاقات ٿي آهي، ملاقات ۾ وڏي وزير سنڌ صوبي ۾ ٿيندڙ بدترين لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي اٿاريو.وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، وڌندڙ لوڊشيڊنگ سبب ڳوٺاڻي علائقن ۾ زرعي پيداوار کي نقصان پهچي سگهي ٿو. ترجمان موجب وفاقي وزير، وڏي وزير کي پهرين ترجيح طور حيسڪو ۽ سيپڪو کي لوڊشيڊنگ گهٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، خرم دستگير چيو ته ٻئي مرحلي ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جا قدم کنيا ويندا، وڏي وزیر جي وفاقي وزیر سان ڪراچي ۾ بجلي جي مسائلن بابت ڳالھ ٻولهه ٿي، وفاقي وزير وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته اڄ ئي  سي اي او ڪي اليڪٽرڪ سان ڪراچي ۾ بجلي مسئلي کي حل ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں