56

عالمي بينڪ پاڪستان کي 15 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: عالمي بينڪ پاڪستان کي انرجي سيڪٽر منصوبي لاءِ 15 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

انگن اکرن موجب انرجي سيڪٽر منصوبي لاءِ پاڪستان کي 13 ڪروڙ 25 لک ڊالر  قرض جي طور تي ملندا. عالمي بينڪ پاڪستان کي ڏيڍ ڪروڙ ڊالر  مدد جي طور به ڏيندو.

منصوبي جو مقصد توانائي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ تحفظ آڻڻ آهي. پروگرام جي تحت ڪمرشل انڊسٽريل ۽ رهائشي عمارتن کي گيس کان بجلي تي منتقل ڪيو ويندو.

منصوبي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ساليانو 291 ارب 65 ڪروڙ روپيه بچت جو اندازو لڳايو ويو آهي. انگن اکرن موجب توانائي بچت ڪندڙ عمارتن جي تعمير سان حوصله افزائي ڪئي ويندي. توانائي شعبي ۾ نجي شعبي جي سرمائيڪاري کي به هٿي ڏني ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں