86

ورلڊڪپ: پاڪستان جو آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

بنگلور:ورلڊ ڪپ دنگل ۾ پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، شاداب خان جي جاءِ تي اسامه مير کي اليون جو حصو بڻايو ويو آهي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون ورلڊ ڪپ ۾ ڏهه ڀيرا آمهون سامهون ٿيون، آسٽريليا ڇهه ۽ پاڪستان چار ميچز ۾ ڪاميابي ماڻي.
پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان چوٿين ۽ آسٽريليا ڇهين نمبر تي موجود آهن.
پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ميچ لاءِ اسان سٺي ٽريننگ ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں