56

آمريڪي صدر حماس ۽ پيوٽن کي هڪ جهڙو قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن، حماس ۽ پيوٽن کي هڪ جهڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته آهي ته حماس ۽ پيوٽن مختلف خطرن جي نمائندگي ڪندا آهن، حماس جو مقصد اسرائيلي رياست جي تباهي ۽ يهودين جو قتل آهي، حماس فلسطيني عوام جي نمائندي ناهي ڪندو پر فلسطينين کي انساني ڍال طور استعمال ڪندو آهي جنهن سبب بيگناهه فلسطيني خاندانن کي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.
هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته اسرائيل ۾ اهڙا ماڻهو ڏٺا جيڪي مضبوط، پرعزم، صدمي ۽ ڏک ۾ آهن، فلسطيني صدر محمود عباس سان به ڳالهيون ڪيون، آمريڪا فلسطيني عوام جي وقار ۽ خود اراديت جي حق لاءِ پرعزم آهي.
سندس چوڻ هو ته حماس جي دهشتگردن جون ڪارروايون ان حق کي کسي نٿيون سگهن، فلسطينين جي زندگي جي المناڪ نقصان سبب دل ڏکايل آهي جڏهن ته غزا اسپتال تي ٿيل ڌماڪو اسرائيلين نه ڪيو هو، هو فلسطينين کي نظر انداز نٿا ڪري سگهن جيڪي رڳو امن سان رکڻ چاهن ٿا.
آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته حماس ۽ پيوٽن مختلف خطرن جي نمائندگي ڪندا آهن، پاڙيسري جمهوريت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو ارادو ٻنهي ۾ گڏيل آهي، حماس جو مقصد مقصد اسرائيلي رياست جي تباهي ۽ يهودين جو قتل آهي جڏهن ته فلسطيني عوام جي نمائندي ناهي ڪندو پر فلسطينين کي انساني ڍال طور استعمال ڪندو آهي جنهن سبب بيگناهه فلسطيني خاندانن کي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.

آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته اسرائيل جي دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪانگريس مان بل پاس ڪرڻ جو چيو آهي ۽ اسرائيل کي به چيو آهي ته جنگي قانون موجب هلي، شهرين جي هر ممڪن حفاظت ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته غزا جي ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جو فوري ضرورت آهي، غزا ۾ فلسطيني شهرين لاءِ انساني امداد جي کيپ لاءِ معاهدو ڪيو ويو آهي،جيڪڏهن حماس چوري نه ڪري ته فلسطينين لاءِ امداد جي مسلسل فراهمي جو هڪ کليل رستو فراهم ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں