61

نواز شريف جي دبئي ۾ اعليٰ شخصيت سان اهم ملاقات، ڏيهه واپسي جو وقت به فائنل

دبئي: پاڪستان مسلم ليگ ن جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ڏيهه واپسي کان اڳ اڄ دبئي ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو.
اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف اسحاق ڊار جي پٽن جي گهر تي دبئي حڪومت جي اعليٰ شخصيت سان ملاقات ٿي جيڪا اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي، ان دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻول ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف سان اڄ مختلف وفدن جي ملاقات به طئي آهي جنهن سبب اڄ سندس دبئي ۾ مصروف ترين ڏينهن گذرندو.
نواز شريف سان گڏ پاڪستان ايندڙ ليگي ڪارڪنن جو وڏو انگ دبئي پهچي ويو آهي.
ٻئي پاسي نواز شريف جي پاڪستان واپسي جو وقت فائنل ٿي ويو آهي جنهن موجب اڳوڻي وزيراعظم جي اڏام مقامي وقت موجب ٽرمنل ٽو تان 9 وڳي رواني ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں