86

وارنر ۽ مارش پاڪستاني بالرن کي ڌوئي ڇڏيو، آسٽريليا، پاڪستان کي 367 رنز جو هدف ڏئي ڇڏيو

بئنگلورو: آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 18 هين ميچ ۾ آسٽريلوي بيٽرز پاڪستاني بالرن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو، ڪينگروز گرين شرٽس کي کٽڻ لاءِ 367 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏئي ڇڏيو.
بئنگلورو جي چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
آسٽريليا پهريان کيڏيندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 367 رنسون ٺاهيون، ڪينگروز طرفان ڊيود وارنر 163 ۽ مچل مارش 121 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي .
پاڪستان جي شاهين آفريدي پنج ۽ حارث سهيل ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون.
آسٽريليا ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف سڀ کان وڏو ٽوٽل ڪندڙ ٽيم بڻجي وئي.
آسٽريليا ورلڊ جي تاريخ ۾ پاڪستان خلاف سڀ کان وڏو اسڪور ڪندڙ ٽيم بڻجي وئي آهي.
ان کان اڳ هلندڙ عالمي ڪپ دوران ئي سريلنڪا 10 آڪٽوبر تي پاستان خلاف 344 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا خلاف قومي ٽيم جي پليئنگ اليون ۾ شاداب خان جي جاءِ تي اساما مير کي شامل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں