68

چونڊون ڪڏهن ڪرائڻيون آهن اهو اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اسان 9 مئي وارا نه 29 مئي وارا آهيون: نوازشريف

دبئي: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف چيو آهي ته اسان 9 مئي وارا نه 28 مئي وارا آهيون. دبئي ايئرپورت تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي نوازشريف چيو ته چونڊون ڪڏهن ڪرائڻيون آهن اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. اسان 9 مئي وارا نه 29 مئي وارا آهيون.

هن چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن پر مون کي اميد آهي ته چئن سالن کان پوءِ ملڪ واپسي جي خوشي آهي. منهنجي خلاف داخل ڪيسن سان ملڪ کي نقصان ٿيو آهي ۽ هن وقت ملڪ ۾ ٻڏتر جي صورتحال آهي اسان حالتون پاڻ خراب ڪري رهيا آهيون ۽ پاڻ ئي صحيح ڪنداسين.

نوازشريف چيو ته اسان انصاف چاهيون ٿا اڳ به چيو ته اسان سڀ الله تي ڇڏي ڏنو آهي، هن وقت به الله تي ڇڏيون ٿا جيڪو ملڪ آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چئي چڪو هو اهو هاڻ مسئلن جو شڪار آهي. اهو پاڪستان جنهن مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي، هر علاج جي سهوليت موجود هئي، ڇا اهو پاڪستان اڄ نظر اچي ٿو. اسان کي جيڪڏهن پنهنجن پيرن تي پاڻ بيهڻو هوندو آهي ڪنهن کي بيهارڻو نه هوندو آهي. اڄ ملڪ تمام گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي. وزيراعظم نوازشريف ملڪ واپسي تي لاهور ۾ مينار پاڪستان تي جلسي کي خطاب ڪندو جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں