86

اسرائيلي بمباري ۾ 4 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد، 16 صحافي به شامل

يروشلم: حماس جي الاقصيٰ آپريشن کان پوءِ اسرائيل طرفان غزه سميت ٻين علائقن تي جاري فضائي بمباري ۽ بربريت ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 4 هزر کان وڌي ويو آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب غزه ۽ مغربي علائقن ۾ اسرائيلي فوج جي سوين فضائي حملن ۽ راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ملبي جو ڍير بڻجي ويون آهن.

رپورٽ موجب 7 آڪٽوبر کان پوءِ کان هينئر تائين اسرائيلي فوج جي ببمباري سبب شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 4 هزار کان وڌي ويو آهي جن مان 1400 کان وڌيڪ ٻار ۽ 1600 عورتون شامل آهن. هوائي حملن ۽ زميني ڪاررواين جي نتيجي ۾ 17 هزار کان وڌيڪ فلسطيني پڻ زخمي ٿيا آهن.

هوڏانهن اسرائيلي فورسز جي ڪارروائين ۾ هينئر تائين 16 صحافي شهيد جڏهن ته 20 کان وڌيڪ اسرائيلي فوجي گرفتار ٿي چڪا آهن.

اسرائيل فلسطينين تي ظلمن جي ميڊيا ڪوريج کي روڪڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ سيڪيورٽي خدشن جي آڙ ۾ فلسطيني ۽ عرب نشرياتي ادارن کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي.

اسرائيلي حڪومت مغربي ڪناري جي شهر رمله ۾ سيڪيورٽي خدشن جي بهاني سمورن ميڊيا جي ادارن کي بند ڪرڻ جي حڪومتي منظوري جي فيصلي کان خبردار ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن اسرائيلي اختيارين فوري طور تي غزه جي سمورين اسپتالن کي خالي ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں