110

ورلڊ ڪپ: حريم شاهه جو قومي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي بابت سوال

لاهور: مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ٻئي شڪست کان پوءِ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون چناسوامي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿيون هيون جتي ڪينگروز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 367 رنسون ٺاهيون. حدف جي تعاقب ۾ قومي ٽيم صرف 45.3 اوورز ۾ 305 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي  جنهن کان پوءِ آسٽريليا اهو ميچ 62 رنسن تان کٽي ورتو.

اهڙي شڪست کان پوءِ ڪرڪيٽ جا شوقين قومي ٽيم تي سخت ڪاوڙيل آهن ۽ ڪپتان بابر اعظم سميت سليڪشن ڪميٽي کي شڪست جو ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن.

اهڙي صورتحال ۾ ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي ته اسان کي هڪ ٻئي ميچ ۾ شڪست ملي وئي آهي.

حريم شاهه ڪرڪيٽ جي شوقينن کان سوال ڪيو ته اوهان جي خيال ۾ پاڪستاني ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جو ذميوار ڪير آهي؟

ٽڪ ٽاڪر جي سوال تي هڪ صارف چيو ته ڪالهوڪي ميچ ۾ بابر اعظم جو جلدي آئوٽ ٿيڻ ميچ ۾ شڪست جو سبب بڻجي آهي. سڀني کي خبر آهي ته بابر اسپين تي آئوٽ ٿي ويندو آهي پوءِ ان کي جلدي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.

ڪاشف ملڪ نالي صارف چيو ته ناقص سليڪشن، اڻتجربيڪاري، ماڊرن ڪرڪيٽ کان پري رهڻ ۽ تجربيڪار رانديگرن جي کوٽ سبب شڪست مقدر بڻجي.

ڪائنات نالي صارف چيو ته آسٽريليا خلاف پاڪستان جي شڪست جو سبب مڊل آرڊر بيٽنگ هئي. حريم شاهه جي سوال تي گهڻن صارفين ڪپتان بابر اعظم ۽ ٽيم جي ناقص فيلڊنگ ۽ بالنگ کي شڪست جو ذميوار قرار ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں