84

نگران وزيراعظم جو فلسطيني صدر سان ٽيليفون تي رابطو، غير مشروط حمايت جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي  جنهن ۾ غزه جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته  پاڪستان طرفان فلسطينين جي غير مشروط حمايت جو يقين پڻ ڏياريو ويو.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي  موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غاصب اسرائيلي فوج طرفان معصوم ۽  هٿين خالي فلسطينين تي غزه ۽ مغربي ڪناري ۾ ڪيل ظلمن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهين لاءِ ٽيليفون تي رابطو ڪيو.

وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج طرفان فلسطينين تي لاڳيتو بمباري خاص طور تي الاهلي اسپتال تي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. وزيراعظم اسرائيل جي بمباري ۽ جارحيت کي نفرت جوڳو قرار ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 3000 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 12000 هزار زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته عالمي برادري کي فوري طور تي اسرائيل جي اهڙي قتل عام کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم ٻڌايو ته پاڪستان به پنهنجي فلسطيني ڀيڻ ڀائرن لاءِ امداد جي پهرين کهيپ رواني ڪئي آهي جيڪا گذريل ڏينهن مصر پهچي چڪي آهي.

وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطيني تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ پاڪستان جي غير مشروط حمايت جو پڻ ارادو ظاهر ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں