130

ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ جو ڏکڻ آفريقا خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو

پونا: آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 32هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريقا جي خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پونا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ٽام ليتهم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي خلاف ميچ  کٽڻ جي پوري ڪنداسين ۽ پنهنجي پوزيشن کي مستحڪم ڪنداسين.

ڏکڻ آفريقا طرفان اننگز جي شروعات ڪپتان ٽيمبا بواما ۽ اوپننگ بيٽسمين ڪوئنن ڊي ڪاڪ ڪئي. ياد رهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ڪين وليمسن ڏکڻ آفريقا جي خلاف ميچ لاءِ دستياب نه آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪين وليمسن جي جڳهه وڪيٽ ڪيپٽر بيٽر ٽام ليتهم ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں