88

عمران خان پاران ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف عدالتي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ جي قيادت بي اعتمادي رِٿ تي ووٽنگ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ واري معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آھي،  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري طرفان سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيلون داخل ڪيون ويون آھن.درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 7 اپريل تي ڏنل عدالتي فيصلي ۾ نُقص آهن، عدالت فيصلي تي نظرثاني ڪري، سپريم ڪورٽ جو 7 اپريل وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں