58

نوازشريف سان ذاتي تعلق آهي، اهو گهرائيندو ته هليو ويندس، تحريڪ انصاف هڪ حقيقت آهي: شاهد خاقان

ڪراچي: مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوازشريف سان ذاتي تعلق آهي جيڪڏهن اهو گهرائيندو ته هليو ويندس، پارٽي معاملن ۾ مشاورت ۾ شامل نه آهيان. هن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ حقيقت آهي، اڳواڻ جيل ايندا ويندا رهندا آهن. هن چيو ته نيب اسان جي پنهنجي پيدا ڪيل مشڪل آهي نيب ملڪ جي سياستدانن کي نيڪ ثابت ڪيو آهي اهڙين حالتن ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حمايتي نه آهيان.

اهڙن خيالن جو اظهار هن احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو. شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ خبر پئي آهي ته جج صاحب به رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، 4 سال ٿي ويا اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته ڏوهه ڪهڙو آهي. نيب اسان جي پنهنجي پيدا ڪيل مشڪل آهي. حڪومت نيب جو فيصلو ڪري وٺي. نيب واحد ادارو جنهن جو ڪم سياستدانن جو احتساب ڪرڻ آهي اڄ تائين نيب  ڪيترن سياستدانن کي عدالت مان سزا ڏياري؟ نيب ملڪ جي سياستدانن کي نيڪ ثابت ڪيو آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته سياستدانن جون ملاقاتون سٺي ڳالهه آهي. ڳالهين جو سلسلو هلڻ گهرجي.  هن وقت جيڪي ملڪ جون حالتون آهن اهڙين حالتن ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو قائل نه آهيان. ملڪي مسئلن جو حل ڪنهن هڪ پارٽي وٽ نه آهي. سموريون پارٽيون ملي ڪم ڪنديون ته ملڪ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.

شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف اقتدار ۾ رهي آهي. اڳواڻ ته اندر ٻاهر ايندا ويندا رهندا آهن. تحريڪ انصاف هڪ حقيقت آهي، پارٽي معاملن تي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو هو. مون کي نوازشريف گهرائيندو ته هليو ويندس، مان پارٽي معاملن ۾ ٿيندڙ مشاورت ۾ شامل نه آهيان.

ان کان پهرين ڪراچي جي احتساب عدالت جي آڏو پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين  جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.  جنهن ۾ اڳوڻي  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي  بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي. ريفرنس جي ايندڙ ٻڌڻي 13 ڊسمبر تي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں