81

ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير لاءِ جسٽس(ر) ارشد حسين شاهه جي نالي تي اتفاق ٿي ويو

پشاور: خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير لاءِ جسٽس(ر) ارشد حسين شاهه جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي.

خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت جي لاءِ سي ايم هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو وڏو وزير محمود خان ۽ اڳوڻو اپوزيشن اڳواڻ اڪرم دراني شريڪ ٿيا.

اجلاس کان اڳ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اڪرم دراني چيو ته اڄ ئي نگران وڏي وزير جي نالي جو فيصلو ڪري وٺنداسين محمود خان کي به راضي ڪري وٺندس، منهنجي ڳالهه ڪوبه رد نه ڪندو آهي.

اڪرم دراني چيو ته اعظم خان جو نالو ان لاءِ پيش ڪيو هو ڇو ته اهو ايماندار ماڻهو هو. سي ايم هائوس ۾ ٿيندڙ مشاورت جي حوالي سان اڳوڻي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان جي ويجهي ذريعن ٻڌايو ته ڪي پي ڪي جي لاءِ جسٽس(ر) ارشد حسين شاهه جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته جسٽس(ر) ارشد حسين شاهه جو نالو اڳوڻي اپوزيشن اڳواڻ اڪرم دراني تجويز ڪيو جنهن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو آهي.

جسٽس(ر) ارشد حسين شاهه جو تعلق هريپور سان آهي. هو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ايپليٽ ڪورٽ گلگت بلتستان رهي چڪو آهي ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران ڪابينه جو به حصو هو.

ذريعن موجب جسٽس(ر) ارشد حسين شاهه جي نالي کي منظوري لاءِ ڪي پي ڪي جي گورنر ڏانهن اماڻيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں