62

سيوهڻ: عدالت تانيه خاصخيلي ڪيس جي مُک جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

سيوهڻ ۾ ڇهه سال اڳ شادي کان انڪار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ بيدردي سان قتل ٿيل تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو سيوهڻ جي عدالت ٻڌائي ڇڏيو عدالت مک جوابدار کي عمر ٽيپ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

6 سال اڳ جهانگارا ۾ شادي کان انڪار تي گوليون هڻي قتل ڪيل ناري تانيا خاصخيلي ڪيس جو سيوهڻ جي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جنهن ۾ عدالت مُک جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

سيوهڻ جي عدالت طرفان ٻڌايل فيصلي ۾ قتل ڪيس جي هڪ ٻئي جوابدار عالي نوحاڻي کي بيڏوهي ثابت ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ مٿس 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو جيڪو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا قيد ڪاٽيندو. عدالت ڪيس جي ٽئين جوابدار مولابخش نوحاڻي کي روپوش هجڻ جي ڪري اشتهاري قرار ڏنو.

عدالت طرفان مُک جوابدار خانو نوحاڻي کي عمر قيد جي سزا اچڻ جو فيصلو ٻڌي مقتولا تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي لڙڪ لاڙي وٺي. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪيس جي فيصلي ۾ پورو انصاف نه مليو آهي. جوابدار کي ڦاهي جي سزا ملڻ گهرجي ها جيئن ٻين نياڻين لاءِ مثال ثابت ٿئي. اسان اهڙي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں