77

فوجي سربراهه اهڙو هُجڻ گهرجي جيڪو بي داغ ۽ ساکائتو هجي: مريم نواز

اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو  آهي ته حڪومت ۽ پارٽي کي چيو اٿم ته عمران خان جو چئن سالن وارو گند پاڻ تي نه کڻو، کيس ڀلي عوام ۾ وڃڻ ڏيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته سٺو آهي ته فوجي سربراهه اهڙو هُجڻ گهرجي جيڪو بي داغ ۽ ساکائتو هجي، جنهن تي شڪ شبها نه هجن.هن چيو ته گڏيل حڪومت اڪيلي سر فيصلا نٿي ڪري سگهي، فتني ۾ ڦاسڻ بدران نواز شريف کي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت ڏني وڃي ته جيئن ملڪ جي تقدير تبديل ٿئي.هن چيو ته عمران خان 4 سالن ۾ ملڪ کي هڪ صدي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، هُن ملڪي معيشت کي آءِ سي يو ۾ پهچائي ڇڏيو، چئن سالن جي نااهلي جو بار 4 هفتن جي حڪومت تي نه وجهڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں