48

ناليواري ليکڪا ۽ اسڪالر انيتا شاهه لاڏاڻو ڪري وئي

حيدرآباد:ناليواري ليکڪا ۽ اسڪالر انيتا شاهه ڪافي وقت دماغي مرض ۾ مبتلا رهڻ بعد 50 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

انيتا شاهه 15 نومبر 1974ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مرحومه ايم بي اي ۽ ايم اي سوشيالاجي جي تعليم حاصل ڪئي.

انيتا شاهه 1997ع کان 1999ع تائين بي بي سي انگلش لينگويج سينٽر حيدرآباد ۾ ٽيچر طور پڙهايو. هن 1998ع ۾ ايم بي اي ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ انسٽرڪٽر به رهي.

انيتا شاهه ڪمپيئر جي مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ٽاڪ شو ڪيا. هو وائيس آف آمريڪا جي پروگرام(بيانڊ دي هيڊ لائينز) جي رپورٽر ۽ پروڊيوسر به رهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں