52

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب سيڪريٽري عمر طبيعت خراب هجڻ سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي. ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اڃان تائين اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جي استعيفيٰ منظور نه ڪئي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد جو ٻن سالن جو مدو گذريل سال جولاءِ ۾ ختم ٿي ويو هو پر چيف اليڪشن ڪمشنر سندس مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي  هئي.

ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن  جو سيڪريٽري عمر حميد هڪ ذهين ۽ محنتي آفيسر آهي. عمر حميد سٺي طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. عمر حميد جي طبيعت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي. عمر حميد هن وقت ميڊيڪل ريسٽ تي آهي. عمر حميد جي صحت اجازت ڏني ته هو جلد پنهنجا فرض انجام ڏيندو.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل طور تي فعال آهي. اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه آهي. موڪلن جي ڏينهن دوران به اليڪشن ڪميشن جون آفيسون ڪم ڪري رهيون آهن. سيڪريٽري جي غير موجودگي ۾ ٻئي اسپيشل سيڪريٽريز اليڪشن ڪميشن جو ڪم بهتر طريقي سان هلائي رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں