50

باجوڙ: پوليو سيڪيورٽي تي مقرر پوليس ٽرڪ ويجهو بم ڌماڪو، 5 اهلڪار شهيد، 22 زخمي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي اترين ضلعي باجوڙ ۾ پوليس ٽرڪ ويجهو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 22 زخمي ٿي پيا آهن.

تعلقي ماموند جي علائقي بيلوٽ فرش ۾ پوليو سيڪيورٽي لاءِ ويندڙ پوليس ٽرڪ جي ويجهو ڌماڪو ٿيو. پوليس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد جڏهن ته 22 زخمي ٿي پيا آهن. واقعي جي اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻهن سيڪيورٽي فورسز ۽ امدادي واقعي واري هنڌ هچي ويا جن زخمين ۽ لاشن کي پرائيويٽ گاڏي ۾ اسپتال  منتقل ڪيو.

ريسڪيو 1122 موجب زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان آهي جڏهن ته خارا اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. پوليس ترجمان ٻڌايو آهي ته ڌماڪي ۾ سمورا شهيد ۽ زخمي پوليس اهلڪار آهن جيڪي پوليو ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيا هئا ته انهن تي حملو ٿيو.

ڌماڪي واري جڳهه جو پوليس پاران گهيراءُ ڪري دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں