74

گهڻي وقت کان برداشت جو مظاهرو پيا ڪيون، فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکو: فوجي ترجمان

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پشاور ڪور ڪمانڊر جي حوالي سان تازا بيان انتهائي نامناسب آهن.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پشاور ڪور پاڪستان آرمي جي هڪ ممتاز فارميشن آهي، پشاور ڪور ٻه ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف قومي جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان اهم ڪور جي قيادت سدائين بهترين پروفيشنل هٿن ۾ سونپي وئي آهي.آءِ ايس پي آر موجب پشاور ڪور ڪمانڊر جي حوالي سان اهم سينيئر سياستدانن جا تازا بيان انتهائي نامناسب آهن، سينيئر قومي سياسي قيادت مان اميد ڪجي ٿي ته اداري خلاف اهڙن تڪراري بيانن کان پاسو ڪندي.هوڏانهن خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جاري ڪيل بيان ۾ سڀ ڪجهه واضح آهي، سينيئر سياستدانن طرفان مختلف موقعن تي نامناسب بيان ڏنا پيا وڃن، ڪافي عرصي کان برداشت جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته اسان گهڙي گهڙي چئي چڪا آهيون ته فوج کي سياست کان پري رکو، ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا گهڻا چئلينج آهن، اسان جي فوج سرحد ۽ اندروني ملڪ اهم ذميواريون انجام ڏئي رهي آهي، سمورو فوڪس ذميواريون تي آهي، سياسي صورتحال سان ڪو واسطو ناهي.سندس چوڻ هو ته مان ميڊيا، سياستدانن کي درخواست ٿو ڪيان ته فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکن.پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي مقرري بابت ڳالهيون بلڪل مناسب ناهن، مقرري جو طريقي ڪار آئين ۽ قانون ۾ واضح ڪيو ويو آهي، ان تي بحث ڪرڻ ان کي تڪراري بڻائڻ جهڙو آهي، تنهن ڪري درخواست ٿو ڪيان ته ان معاملي تي بحث نه ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں