53

نامزدگي ڪاغذ: ذوالفقارمرزا، فهميده مرزا، ثروت قادري، اورنگزيب فاروقي جون اپيلون رد

اسلام آباد: اليڪشن ٽربيونلز ۾ نامزدگي ڪاغذن جي رد ٿيڻ خلاف اميدوارن جي اپيلن تي ٻڌڻي جاري آهي.

ڪراچي ۾ اليڪشن ٽربيونل پاڪستان سني تحريڪ جي صدر ثروت اعجاز قادري، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر فهميده مرزا، پاڪستان راهه حق پارٽي جي اميدوار مولانا اورنگزيب فاروقي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪندي مختلف سياسي پارٽين جي اميدوارن جون ريٽرننگ آفيسرن خلاف اپيلون منظور ڪري ورتيون.

جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ غير ضروري ڄاڻ کي بنياد بڻائي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا. جڏهن ته مختلف سياسي پارٽين جي اميدوارن جو ريٽرننگ آفيسرن خلاف اپيلون منظور ڪري ورتيون.

اليڪشن ٽربيونل جي سربراهه جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ريٽرننگ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته آهسته آهسته معاملا ريٽرننگ آفيسرن جي طرف وڌي رهيا آهن. بناجواز اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن کي رد ڪرڻ تي ريٽرننگ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ اليڪشن ڪميشن جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ريٽرننگ آفيسرن کي پهريان تربيت نه ڏني وئي هئي؟ ڇا اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسرن جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي؟ ظاهري طور غير ضروري ڄاڻ کي بنياد بڻائي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.

اليڪشن ٽربيونل فهميده مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، پي ايس 108 تان پاڪستان سني تحريڪ جي صدر ثروت اعجاز قادري، پي ايس 88 تان پاڪستان راهه حق پارٽي جي اميدوار مولانا اورنگزيب فاروقي جون به اپيلون رد ڪري ڇڏيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں