50

اليڪشن ٽربيونل پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي: اليڪشن ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر جي نااهلي جو فيصلو برقرار رکندي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري قيصره الاهي کي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پاڪستان تحريڪ  انصاف جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري قيصره الاهي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 59 ۽ پنجاب اسيمبلي جي سيٽ پي پي 23 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو چيلينج ڪيو هو.

اليڪشن ٽربيونل جي جج چوڌري عبدالعزيز ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو جنهن کي هاڻ ٻڌايو ويو آهي.

اليڪشن ٽربيونل ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري آر او جو فيصلو برقرار رکندي چيو آهي ته ٻنهي تي اثاثا لڪائڻ، گهر واري جا پرڏيهي دورا ظاهر نه ڪرڻ جو اعتراض ثابت ٿيو هو.

اعتراض ڪندڙن جو گوشوارن ۽ مختلف ڪمپنيز ۾ شيئر ظاهر نه ڪرڻ جو اعتراض به صحيح قرار ڏنو ويو ۽ ٻنهي تڪن لاءِ ڌار ڌار خرچن جا بينڪ اڪائونٽس به نه کولڻ جو اعتراض صحيح قرار ڏنو ويو.

پرويز الاهي ۽ قيصره الاهي جي دستاويزن ۾ ٽيڪنيڪي غلطين ۽ اوٿ ڪمشنر کان تصديق نه ڪرائڻ جو اعتراض به صحيح قرار ڏنو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں