38

عمران خان کي اقتدار ويندي نظر آيو ته هن پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو: نوازشريف

هارون آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف چيو آهي ته اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو، عمران خان ٻيهر ڪشڪول کڻي پهچي ويو.

هارون آباد، ضلعي بهاولنگر ۾ مسلم ليگ(ن) جي ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته مون کي نااهل ڪيو ويو پر اڄ مان سرخرو ٿي عوام جي سامهون بيٺل آهيان. اوهان جا نعرا ٻڌي منهنجو 5 ڪلو رت وڌي ويو، هارين کان پڇو ته نوازشريف جي دور ۾ ٽريڪٽر ڪيتري جو هو ۽ اڄ ڪيتري جو آهي؟  مون لوڊشيڊنگ ختم ڪئي. سستي بجلي کڻي آيس، ٻڌايو  اوهان کي نوازشريف ياد اچي ٿو يا نه.

ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته موٽر سائيڪل وارو، ڪار وارو، بس وارو، ٽرڪ وارو نوازشريف جي دور ۾ ته پيٽرول 60 روپيه ليٽر هو ۽ اڄ 250 روپيه ليٽر آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ اڄ سامهون آئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف جي دور ۾ ڪرپشن جو خاتمو ٿي چڪو هو. ڇا نوازشريف ياد ايندو آهي. ثاقب نثار ٻڌائي جنهن کي عالمي دنيا ڪرپٽ ترين چئي رهي آهي ان کي اوهان صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڪيئن ڏنو.؟

نوازشريف چيو ته اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو، جنهن کان پوءِ ملڪ به پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو هو، عمران خان ٻيهر ڪشڪول کڻي خيرات وٺڻ لاءِ نڪري پيو. هن ٻيهر ملڪ کي خيرات گهرڻ تي لڳائي ڇڏيو. اسان ايٽمي ڌماڪا ڪيا  جڏهن ته هنن شهيدن جي مجسمن کي باهيون ڏنيون ۽ انهن جي توهين ڪئي وئي.

نوازشريف پڇيو ته مون کي جيل ۾ ڇو وڌو ويو، جن ججز مون کي جيل ۾ وڌو اهي اڄ استعيفيٰ ڏئي گهرن ڏانهن وڃي رهيا آهن. انهن کي خبر آهي ته  اسان جا ڪڌا ڪرتوت آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون پاڻ تي ظلم برداشت ڪيا، زخم برداشت ڪرڻ جي باوجود پاڪستان تي زخم لڳڻ نه ڏنا. قومي سلامتي کي داءُ تي نه لڳايو.  قومي راز فاش نه ڪيا. پر عمران خان جڏهن اقتدار کي ويندي ڏٺو ته هن پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو. سندس اهڙي سازش ملڪ جي قومي سلامتي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں