83

حڪومت ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد (رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي، راجا پرويز اشرف سان جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي راجا پرويز اشرف چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي، آئين پاڪستان جي سربلندي ۽ احترام هر اداري ۽ شخص تي لازم آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ کي درپيش چئلينجز کي قابو پائڻ لاءِ ڪوشان آهي، ملڪ ۽ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن کي ايوان ۾ بحث هيٺ آندو پيو وڃي، سمورين پارلياماني پارٽين جي سربراهن کي چونڊ سڌارن جي پارلياماني ڪميٽي لاءِ پنهنجي پارٽي ميمبرن جا نالا ڏيڻ لاءِ خط لکنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں