58

توشه خانه ڪيس: پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 14-14 سال قيد جي سزا، عمران خان 10 سالن لاءِ نااهل قرار

اسلام آباد: توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي 14-14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪندي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي غير موجودگي ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي به ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.

پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي گڏيل طور تي 1574 ملين روپيه ڏنڊ لڳايو ويو. پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي 787 ملين  روپيه في ماڻهو ڏنڊ ادا ڪندا. پي ٽي آءِ باني کي 10 سالن جي لاءِ نااهلي جي سزا به ٻڌائي وئي جڏهن ته 10 سالن تائين ڪنهن به عوامي عهدي جي لاءِ اهل نه هوندو.

ٻڌڻي شروع ٿي ته جج محمد بشير چيو ته خان صاحب اوهان 342 جو بيان تيار ڪيو آهي، جنهن تي  پي ٽي آءِ باني چيو ته جي مون تيار ڪيو آهي منهنجا وڪيل ۽ بشريٰ بي بي  کي اچڻ ڏيو ته مان پنهنجو بيان جمع ڪرائي ڇڏيندس. جج چيو ته اوهان پنهنجو بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو اسان کي  ڪارروائي اڳيان وڌائڻي آهي. پي ٽي آءِ باني چيو ته اوهان کي ايتري جلدي  ڇو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسان جي حڪم امتناع جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. مون کي ته اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ حاضري لڳرائڻ جي لاءِ عدالت  گهرايو.

پي ٽي آءِ باني اهو چئي عدالت جي ڪمري مان پنهنجي بيرڪ طرف روانو ٿي ويو. عدالت پي ٽي آءِ باني کي ٻيهر عدالت جي ڪمري ۾ گهرائڻ لاءِ پيغام اماڻيو. اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جيل عدالت ۾ بيان ڏنو ته پي ٽي آءِ باني عدالت جي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن تي عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشري بي بي کي نالي سان سڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالتي اهلڪار وڏي آواز  ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي نالي سان سڏيو پر سڏڻ جي باوجود پي ٽي آءِ باني عدالت ۾ نه آيو.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي کان پوءِ بشريٰ بي بي گرفتاري ڏيڻ جي لاءِ پاڻ اڊيالا جيل پهتي جتان کيس گرفتار ڪيو ويو. بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني کي ڌار ڌار سيلز ۾ رکيو ويندو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں