64

حيدرآباد: حيسڪو انتظاميه گذريل ڏينهن ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل لائين مين معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ايس ڊي او ۽ ايل ايس سسپينڊ

حيدرآباد: گذريل ڏينهن ڊيوٽي دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب لائين مين غلام علي ميمڻ جي فوت ٿيڻ جو حيسڪو انتظاميه نوٽيس وٺي ڇڏيو. سب ڊويزن سٽيزن ڪالوني جي ايس ڊي او ۽ ايل ايس کي سسپينڊ ڪيو ويو. حيسڪو انتظاميه ايس ڊي او وقاص خان ۽ لائين سپرنٽينڊنٽ امداد بلوچ کي سسپينڊ ڪري نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايس ڊي او سب ڊويزن سٽيزن ڪالوني وقاص خان جي خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب لائين سپرنٽينڊنٽ ۽ ايس ڊي او خلاف  فوت ٿيل لائين مين غلام علي ميمڻ جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن  فوت ٿيل لائين مين جي ڀاءُ فرحان ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ايس ڊي او ۽ ايل ايس جي لاپرواهي سبب منهنجو ڀاءُ فوت ٿيو آهي. اسان کي صاف شفاف جاچ ڪري انصاف ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں