57

توشه خانه ڪيس ۾ 14 سالن جي سزا: بشريٰ بي بي اڊيالا جيل پهچي پاڻمرادو گرفتاري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي:  پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي توشه خانه ريفرنس ۾ 14 سال قيد جي سزا ملڻ کان پوءِ اڊيالا جيل پهچي پاڻمرادو گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڄ اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي غير موجودگي ۾ سزا جو فيصلو ٻڌايو.

فيصلو اچڻ کان پوءِ بشريٰ بي بي پنهنجي گاڏي ۾ ويهي گرفتاري ڏيڻ لاءِ پاڻ اڊيالا جيل پهتي ته نيب ٽيم اڳ ئي جيل ۾ موجود هئي جنهن کيس گرفتار ڪري ورتو بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ ئي ڌار ڌار سيلز ۾ رکيو ويندو.

پوليس طرفان تازي ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڊيالا جيل ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ وڌايو ويو آهي. جيل جي اڳيان ۽ پٺئين پاسي کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته جيل انتظاميه کي 3 ڏينهن جي اندر  جيل کي نشانو بنائڻ جي ڌمڪي واري فون به آئي هئي. جنهن کان پوءِ انتظاميه سيڪيورٽي کي ريڊ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌمڪي واري فون اڊيالا جيل جي آفيشل نمبر تي ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں