81

گئس جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين: نويد قمر

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي وزير نويد قمر چيو آهي ته گئس جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، ڪراچي ۾ ٽيڪسٽائل انڊسٽري جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، وفاقي وزير چيو ته ناڻي واري وزارت سان ميٽنگ ۾ ٽيڪسٽائل انڊسٽري جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندس، گئس جو مسئلو ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ اضافي جي سبب ڪري درپيش آهي، جنهن کي ترجيحي بنيادن تي حلن ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں